IBA test Sindhi

 *سنڌي الفابيٽ ۽ ٻوليءَ تي روشني*

سنڌي الف- ب جا ٽوٽل 52 اکر آهن: جن جي بيهڪ هن وقت هيٺين ريت آهي:

ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه عه ي.

انهن ۾ 29 اکر اهڙا آهن جيڪي عربي، فارسي توڙي سنڌي ۾ هڪجهڙا آهن؛ اُهي هِن ريت آهن:

ا ب ت ث ج ح خ د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ل م ن و هه عه ي.

باقي 23 اکر بلڪل جدا صورتن ۾ سنڌيءَ جا آهن، جيڪي هِن ريت آهن:

ٻ ڀ ٿ ٽ ٺ پ جهه ڃ ڄ چ ڇ ڌ ڏ ڊ ڍ ڙ ڦ ک گ ڳ گهه ڱ ڻ.

انهن اکرن ۾ ست اکر اهڙا آهن، جن کي سواءِ نج سنڌي ماڻهن جي، ٻيو ڪير به صحيح اچاري نٿو سگهي، اُهي هِن ريت آهن:

ٻ ڄ ڃ ڏ ڳ ڱ ڻ.

مزيدار ڳالهه ته هڪڙا ست اکر سنڌيءَ ٻوليءَ جا اهڙا به آهن، جيڪي ايڏي ساري سنڌي الفابيٽ ۾ شامل ناهن، ۽ انهن جي جدا شڪل جو ڪوبه وجود ڪونهي، پر اسين ڳالهائڻ مهل انهن کي اچاريندا آهيون. جيڪي هن ريت آهن:

ٽر ڊر لهه ڙهه مهه نهه ۽ ڻهه.

مثال طور: پيءُ ۽ پٽ- چانهن ۽ کنڊ- مَلهه- وڙُهه- سَنِهي- سُمهُه- ماڻهو- وغيره.

هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسين ڪجهه اکرن کي ”هه“ هرڻي ملائي انهن جي جدا صورت ٺاهيندا آهيون، پر ”ک“ کٽ هڪ اهڙو اکر آهي جنهن کي نه ”هه“ هرڻي ملائيندا آهيون، ۽ نڪو ڪنهن ٽٻڪي جي اضافي سان ان جي ڌار حيثيت ظاهر ڪندا آهيون، ۽ ساڳي حالت ٽر ۽ ڊر جي به آهي، انهن اکرن جو هئڻ سنڌي ٻولي لاءِ نهايت ئي لازمي آهي.

هن الفابيٽ ۾ هڪڙا اکر اهڙا به آهن جيڪي ٻيڻا ۽ ٽيڻا يا چئوڻا به آهن، جن جي ٻين ٻولين کي برابر، پر سنڌي ٻولي کي ضرورت ڪونه هئي. ليڪن اُهي شامل ڪيا ويا آهن، ۽ اسان انهن کي پنهنجي لکڻين ۾ استعمال ڪريون ٿا، مثال طور!

الف- ع- ء

ت- ط

ث- س- ص

ح- هه

ذ- ز- ض- ظ

ق- ڪ

هنن ۾ سنڌي اکر هي آهن.

الف- ء، (ساڳيو اکر آهي، ليڪن شڪل جدا جدا آهي.)

ت- (ث ۽ س ٻيئي سنڌي اکر آهن) ز- ۽ ڪ

هن الفابيٽ ۾ ڏهه اکر اهڙا آهن جيڪي ”هه“ هرڻي سان ٺهن ٿا يا انهن کي هڪ ٽٻڪي جي اضافي سان ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اُهي هن ريت آهن.

ڀ- ٿ- ٺ- جهه- ڇ- ڌ- ڍ- ڦ- ک- ۽ گهه

انهن مان ”ک“ کٽ تي اڳيئي روشني وڌي ويئي آهي.

هڪڙا ٽي اکر نج عربيءَ جا آهن جن جي بلڪل الڳ حيثيت آهي، پر اهي اسان جي ٻوليءَ تي حاوي ٿي رهيا آهن. مثال طور خ- غ- ۽ ف.

اِهي اسان جي اکرن ک- گ- ۽ ڦ، جي جاءِ والاري رهيا آهن. حيرت جي ڳالهه اِها به آهي ته اسان جا، کوڙ سارا سنڌي پرائمري استاد به انهن کي سمجهي نه سگهيا آهن. ۽ جڏهن ڪو معصوم ٻار پٽي کڻي پڙهڻ ويهي ٿو ته اهو خاص ڪري انهن اکرن کي پنهنجي پيدائشي (سنڌي) انداز ۾ اچاري ٿو. مثال طور ”خ“ خچر کي ”ک“ کچر چوي ٿو، ”غ“ غاليچو کي ”گ“ گاليچو ۽ ”ف“ فانوس کي ”ڦ“ ڦانوس چوي ٿو. انهن اکرن کي سنڌي ۾ اچاريندي معصوم ٻار پنهنجو پيدائشي حق استعمال ڪري ٿو پر ٻارن کي ان جي ڏاڍي ذهني تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي.

*استاد لغاري*

مهراڻ 1992ع

جنوري/ جون 1992ع نمبر(1-2) تان ورتل

📷

5You and 4 others

Post a Comment

0 Comments
* Please Don't Spam Here. All the Comments are Reviewed by Admin.